اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ جي لاءِ آسان ??رضن جو انتظام ڪيو آهي جنهن جي لاءِ انهن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، ملڪ جا وڏا معاشي اشاريا بهتر ٿيا آهن، روانگي واپار ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ هيروز آف گوجرانوالا ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وقعي تي گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف معل پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، گوجرانوالا چيمبر جي ميمبرن، سرندي وارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي واپار ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني قوم صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي حوالي سان بي مثال آهي، ملڪ ۾ انهي جذبي سان ??يڪس چوري ۽ بدديانتي جهڙين براين کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن ملڪي روانگي واپار جي فروغ لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي زور ڏيندي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ اڻڻ سان ??اڻ پنهنجو فائدو ٿيندو. صدر چيو ته ڪومت ڪامياب جوان ??روگرام تحت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان ??رضن جي سهولت لاءِ هڪ سئو ارب رپيا رکيا آهن. اهڙي طرح عورتن جي لاءِ ??ڻ آسان ??رضن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهن سهولتن مان ??ائدو کڻڻ جي لاءِ انهن کي رهنمائي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو پڻ ذهني صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن کان گهٽ نه آهن، انهن جي مناسب تعليم ۽ تربيت سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته معاشري جي سمورن طبقن جي شموليت کانسواءِ گڏيل ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، ان ??شڪل وقت ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ همدردي جو احساس ان حڪمت عملي جو اهم جز رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 4 ڏهاڪن کان ??اڪستان ??اران ??کين افغان ??ناهگيرن جي ميزباني پوري دنيا جي لاءِ مثال آهي. ان کان اڳ گوجرانوالا چيمبرآف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عمر اشرف مغل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تقريب جو مقصد گوجرانوالا جي هيروز کي ساراهڻ آهي. هن چيو ته گوجرانوالا پاڪستان جي روانگي واپار ۽ ترقي ۾ نمايان ادا ڪري رهيو آهي. هن ڪاروباري برادري سان ??سلسل رابطو رکڻ ۽ مشاورت تي حڪومت کي ساراهيو. تقريب ۾ گوجرانوالا جي تعمير ۽ ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊز ورهايا ويا.
نجي شعبو معيشت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جي فراهمي ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا