لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت کي سڀ کان ??هرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده حڪومت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان ??اءِ پنجاب حڪو??ت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان ??انونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي حراسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي اوز ۽ انساني حقن ??ي تنظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان ??نجاب حڪومت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهر??ي ته جيئن اهو سمورو مرحلو قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهر??ي ته توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چيو ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان ??ر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ??و، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ اسان جي ديني ۽ معاشرتي ذميداري آهي. صدر چيو ته هن اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي غرض سان ??عاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ادارن پاران ??ون کي ٻڌايو ويو ته حڪو??ت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آسان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده شروع ڪري رکيو آهي. عارف علوي چيو ته مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي ته حڪومت پاران ??نڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان ??ان ??ائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا ??اڳ??پيل ادارن جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ان سلسلي ۾ عورتن جي اصلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته هو حڪومت جي ڪامياب جوان ??روگرام مان ??ائدو کڻن ڇو ته اهو پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان ??اءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي جڏهن ته حڪومت صنفي امتيازي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي حجاب جي حوالي سان صدر ڀارتي صحافي ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي حجاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست ??رار ڏنو آهي. عارف علوي چيو ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ معيشت سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته عورتون حڪومت جي ڪامياب جوان ??روگرام مان ??ستفيد ٿيڻ لاءِ ??اڳ??پيل بئنڪن ۽ ادارن سان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪو بي حد آسان ??ا نه هجڻ جي برابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي حيراني ٿي. هن چيو ته عورتن کي گهر??ي ته هو بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته هو قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ هو بئنڪ وڃن يا ??اڳ??پيل فورم سان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.
عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان