اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چ??و ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فر??غ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي مع??شري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، ح??فظ طاهر اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻا??ر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.
اسد قيصر سان حافظ طاهر محمود اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2