اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ هنرمند پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. عمران خان جي صدارت ۾ ترجيحي شعبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي ٻاهرين ملڪ افرادي قوت، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن تي صحيح ٿيل مفاهم??ي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سفارتخانن کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ۽ اوورسيز سان تعاون سان هنر مند افرادي قوت جي برآمد کي يقيني بڻائين، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، سمورا ادارا گڏيل تعاون سان افرادي قوت جي عالمي کپت کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، حڪومت ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ترجيحي شعبن ۾ قدمن لاءِ تعين ٿيل وقت جو خاص خيال رکيو ??ڃي. اجلاس کي ٻاهرين ملڪ افرادي قوت، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن تي صحيحون ٿيل مفاهم??ي يادداشتن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو، افرادي قوت جي برآمدات وڌائڻ لاءِ اوورسيز ايمپلائيمنٽ پورٽل شروع ڪيو ??يو آهي، پورٽل ٻاهرين ملڪ ر??زگ??ر جا موقعا ۽ اميدوارن جي وچ ۾ هڪ رابطي جو ڪم ڪري رهيو آهي، پورٽل سان عالمي سطح تي گهربل اسڪل سيٽ جي نشاندهي به ٿي رهي آهي، پورٽل ٻاهرين ملڪ ر??زگ??ر جي اهل اميدوارن کي شفاف طريقي سان ر??زگ??ر جي ڳولا ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي، مقامي هنرمند ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ ر??زگ??ر جي حصول ۾ معاونت لاءِ حڪومت طرف لائحه عمل تيار آهي. بريفنگ ۾ٻڌايو ??يو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ترجيحي شعبن ۽ ملڪن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت نشاندهي ڪيل شعبن ۾ تربيت فراهم ڪندي، هن وقت تائين وزارت تحت تربيت ٿيل 50 هزار ماڻهو ٻاهرين ملڪ مختلف شعبن ۾ خدمتن جي ذريعي 2.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلي چڪا آهن، نيشنل ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل اڄ تائين پنج عالمي ادارن سان سرٽيفڪيشن حاصل ڪري وڌيڪ ادارن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. وزيراعظم هنرمندي افرادي قوت جي برآمد وڌائڻ لاءِ قدمن کي جلد ??ڪم?? ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس کي وزيراعظم جي ٻاهرين ملڪ دورن جي موقعي تي صحيحون ٿيل مفاهم??ي يادداستن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته مفاهم??ي يادداشتن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري ان تي عملدرآمد جاري آهي، جن منصوبن تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون درپيش هيون انهن کي به ختم ڪري جلد ڪم ??ڪم?? ڪيو ??يندو. اجلاس کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ انتظاميه سڌارن تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته پهرين ۽ ٻي مرحلي ۾ 98 ۽ 96 سيڪڙو ڪم ??ڪم?? آهي جڏهن ته تازو ئي شروع ڪيل ٽئين مرحلي ۾ به ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري آهي، آسان ڪاروبار پورٽل تي ڪم ??ڪم?? آهي جنهن کي جلد شروع ڪيو ??يندو، 21 شعبن ۾ 58 ادارن ۾ 68 سڌارا لاڳو ڪيا پيا وڃن، سڌارن سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ آساني ۽ ر??زگ??ر جا موقعا پيدا ٿيندا، بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته پورٽل تي فيڊ بيڪ جو طريقيڪار به واضح ڪيو ??يو آهي جنهن سان شعبي مان سڌو سنئون راءِ ملندي، کاڌي پيتي جي شين جي معيار کي پوري ملڪ ۾ هڪجهڙو ڪرڻ لاءِ اسٽينڊرڊز جاري ڪيا ويا آهن جنهن کي سمورا صوبا متفقه طور تي لاڳو ڪندا. بريفنگ ۾ اجلاس کي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ رڪاوٽن ۽ ان جي حل لاءِ حڪومت جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم رڪاوٽن کي جلد حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سموري اين او سي جي ڊجيٽل شروع ڪرڻ تي ڪم به جلد ??ڪم?? ڪري وٺندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته ٻاهرين ملڪن مان گند ڪچ??ي جي درآمد تي جامع حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ۽ مقامي گند ڪچ??ي کي متبادل جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پيمرا پاران هوٽل مالڪن کي ڌار ڪيبل لائسنس جاري ڪرڻ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وزير شفقت محمود، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو ??نڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ هنرمند پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز