اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صو??ائي حڪومت?? جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستا?? جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمي?? جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي ناجائز قبض?? جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبض?? جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيل?? جي زمين تي ڪيا ويا آهن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمي?? جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صو??ائي حڪومت?? جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستا?? جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمين تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صو??ائي حڪومتون ناجائز قبض?? جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صو??ا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صو??ائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبض?? جي خلاف التوا هيٺ ڪيس?? جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.
سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر