اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحمت ??لل??المين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو ان تي عمل ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت طيبه جي حوالي سان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عملي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رحمت ??لل??المين اٿارٽي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿارٽي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي واري لائحه عمل جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ ق??من تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت طيبه جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اٿارٽي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي سان تجويزون به ڏنيون ويون. وزيراعظم ق??من تي عملدرآمد کي تيز ڪري ان کي مقرر مدي ۾ لاڳو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رحمت ??لل??المين اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ??اڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.
رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر