اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي ته اه??ي وقت ۾ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپ??رٽ اچي ٿي جنهن جو سر آهي نه پير ۽ هڪ پريس رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپ??رٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزلي ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ايئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپ??رٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا آهن.
اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil