اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ??رڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي جي حوالي سان هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ??رڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃ??ا ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ??رڻ جي منتظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪ?? ۽ ??اڪستان کي مالي مدد فراهم ??رڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃ??ا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪري. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وزير ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران پاڪستاني قيدين جي معاملي کي حل ??رڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃ??ا. صدر 20 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ۾ سعودي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ