اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي معاشي ترقي ۾ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري طور حوالو ڏيندي چي?? ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چي?? ته عورتون انٽرپيرينور تي زور ڏن?? ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن عوام?? جاين تي عورتن جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن عورتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي حقن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي اطمينان ظاهر ڪيو. هن چي?? ته هن وقت بئنڪون عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان هن چي?? ته گواهن جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇ?? ته انهن جي پيش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. ??در چي?? ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي حقن جو عظيم علمبردار هو، هن سدائين عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي، ڇ?? ته اهي آبادي جي اڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. ??در عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو دورو به ڪيو.
عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : راکی