اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپ??ر ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيه?? وزير مختار تلبرد?? وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقستان جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقستان ج?? صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپ??ر ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقستان جي پرڏيه?? وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرفي تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال جي آخر ۾ قازقستان ج?? صدر جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.
پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر