اسلام آ??اد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون س??اجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??اڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، خادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيه?? ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته ??ڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ??ئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آهي، اهو آهي پاڪستان ۽ عوام جي خا??من ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس