اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد ??ورشيد ??حمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب را??ِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪ??ڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ ??ٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽ??يل آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون را??يگان نه وينديون. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪ??ميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.
گڏيل قومون کي استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو: سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری