رام الله-09 مئي (اي پي پي) اس??ائيل جي فوج غزه تي هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 اهم ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي ۾ اس??ائيلي فوج جي 40 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو. برطانيه جي خابرو اداري فلسطين جي صحت واري وزارت جي حوالي سان عالمي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته اس??ائيل جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جي سوير غزه پٽي ۾ ٿيل حملن ۾ 12 فسلطيني شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. اسلامي جهاد جي هٿياربند ونگ 3 ڪمانڊرن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته اس??ن پنهنجي مشن تان هٿ نه کڻنداسين. گروپ جي ڪمانڊرن جي سڃاڻپ جهاد غنم، خليل البهطيني ۽ طارق عزالدين جي نالن سان ٿي آهي. فلسطيني پرڏيهي وزارت اس??ائيل جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سلامتي ۽ اس??حڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي سياسي حل آهي، ٻئي طرف اس??ائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هنن اسلامي جهاد جي 3 سينئر ڪمانڊرن ک?? نشان?? بڻايو. حملي ۾ هٿيارن ۽ بنيادي ڍانچي جي تياري جي 10 هنڌن ک?? نشان?? بڻايو ويو جن ۾ راڪيٽ سازي جا ورڪشاپ، سرنگون تيار ڪرڻ جا مرڪز ۽ اسلامي جهاد جو فوجي ڪمپائونڊ به شامل هئا. اس??ائيل جي دفاع واري وزير يوم گيلنٽ چيو آهي ته جيڪو به عسڪريت پسند اس??ائيل جي شهرين کي نقصان پهچائيندو ان کي پڇتائڻو پوندو. هن چيو ته اس??ائيل جي فوج جي ڳجهي اداري شين بيت سان گڏجي غزه ۾ اسلامي جهاد جي قيادت ک?? نشان?? بڻايو. واضح رهي ته گذريل هفتي اسلامي جهاد جي اڳواڻ جي اس??ائيل جي حراست دوران بک هڙتال سبب فوتگي بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.
اسرائيل فوج جا غزه تي حملا، فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 شهري شهيد، 20 زخمي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث