راملا -24 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل جي حملن سبب غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو ان?? 5 کا?? وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت کاتي مطابق رات جو اسرائيل جي فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو مجموعي ان?? 5 هزار کا?? وڌي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽوبر کا?? غزه ۾ شهيد ٿيلن جو ان?? 5087 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کا?? وڌيڪ آهي. ان کا?? علاوه 15273 کا?? وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي انساني همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ امدادي قافلن کي غزه ڏانهن اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آهي، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي امداد ج?? فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غزه جي شهرين جون حياتيون امداد ج?? فراهمي تي ٻڌل آهن. غزه اسرائيل بحران تي گڏيل قومن جي انساني امداد ج?? رابطا آفيس او سي ايڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار کا?? وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏنو آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.
اسرائيل جي حملن ۾ غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي: فلسطيني اختياريون
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina