اسلام آباد ??? 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان جي سرزمين تي دهشتگردن جا ڪ?? ڳجها ٺڪاڻا نه آهن. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف موثر ڪاررواين جي ??تيجي ۾ دهشتگردن جي ڪارروايون ڪرڻ ??ي صلاحيت جو گهڻي حد تائين خاتمو آندو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته رياست قومي سلامتي بابت چئلينجن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن مان سرخرو ٿي رهي آهي?? هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف آپريشن ”رد الفساد“ معاشري کي انتهاپسندن جي ”سليپرز سيلز“ ۽ همدردن کان پاڪ ڪرڻ جي ??اءِ جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا