اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپ??، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پاڙيسري جي مضبوط بنيادن تي هموار ??هن?? سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??گه?? ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن کي فائدا حاصل ٿيندا.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش