اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 م??يض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي جنهن ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وبا جي تازي اپ ڊيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر