اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس ان??ار??يشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ ن??ريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس ان??ار??يشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام ه??ٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن، مصنفين، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena