اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي سطح تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي ج?? لاءِ تنظيمي ڍانچي ج?? نئين سر جوڙجڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس ج?? صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده م??زا ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده م??زا وزيراعظم کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ۾ راندين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ويزن جي روشني ۾ نئين سر تنظيم سازي ج?? لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستاني اسپورٽس بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي ج?? نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪنسلٽنٽس ج?? سفارشن جي روشني ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ راندين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري ج?? اسپيشل آڊٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ نمايان بهتري ج?? حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق رانديگرن کي گرانٽس ج?? مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي ج??هن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي
وزيراعظم پاران راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری