اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خ??ص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ سمورن قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجو??ه ٽئين لهر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن ۾ بيماري ج??ن علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏين??ن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيز?? سان پکڙجي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں