اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. پ??ڏي??ي آفيس موجب پ??ڏي??ي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ افغانستان جي ٻين قوميتن کي به ??امل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شا??ه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي سامهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ??شمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي ??ڌي?? ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پ??ڏي??ي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شا??ه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.
افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری