لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪ??يٽ??ن جي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪ??يٽ?? جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪ??يٽ?? جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ برطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران ک??ن بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، ??دترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ک??ن پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، ??سان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين درجي تائين وڌايو وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فع??ل بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي خدمتن کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن