اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ??اڪ??تان جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، شخصي آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن بنيادي انساني حق ۽ آزادي سلب ڪيا وڃن ته عوام بي چين ٿي ويندو آهي، جنهن سان ماحول ۾ خراب ٿي ويندو آهي، قومي ترقي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامڪ يو??يورسٽي جي اهتمام هيٺ اسلامي واڌ ۽ جامعيت جي موضوع تي ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته ??اڪ??تان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، ٻاهرين ملڪ مان جيڪو به ماڻهو ??اڪ??تان ايندو آهي اهو ??اڪ??تان جي ثقافت، ڪلچر ۽ مهمانوازي مان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي. ??اڪ??تاني قوم انتهائي ملڻي ۽ خوش اخلاق آهي، ??اڪ??تان ۾ مختلف مذهب ۽ نظرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا آهن، اسپيڪر چيو ته ??اڪ??تان ۾ مختلف مذهبن وارا گڏيل احترام ۽ هم آهنگي سان گڏجي پرامن انداز ۾ رهي رهيا آهن، انهن جو هڪ زنده مثال اڃان به اسان ۾ موجود آهي، اسان جي هن تقريب جي ميزبان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر آسيه ناصر صاحب جو تعلق ??اڪ??تان جي مشهور مذهبي سياسي جماعت جمعيت علماءُ اسلام سان آهي، آسيه ناصر صاحبه حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي دين جي پيروڪار آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مثبت سوچ رکڻ وارا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مذهب سان تعلق رکندي به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا، ??اڪ??تان جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ اڇو آهي، سائو رنگ ان ڳالهه جي علامت آهي ته ??اڪ??تان جي اڪثريت اسلام سان تعلق رکندي آهي، ??اڪ??تاني جهنڊي جو اڇو رنگ امن ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي، اڇو رنگ ??اڪ??تان ۾ رهندڙ قليتي طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي، هن چيو ته آئون توهان جو ڌيان ان حقيقت طرف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ مسيحي برادري تحريڪ ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو هو، مثال طور پنجاب اسيمبلي مسيحي ميمبرن قائداعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي ??اڪ??تان ۾ حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جيڪڏهن ان وقت هو خدا نه ڪري ڀارت جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏين ها ته پنجاب جي حوالي سان مسلم ليگ مشڪل جو شڪار ٿي سگهي پئي، ??اڪ??تاني حڪومت ۽ ??اڪ??تاني عوام ان تاريخي تعاون جي ڪري مسيحي برادري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي، دنيا ۾ جتي به قومن ترقي ڪئي آهي انهن سڀني جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي، اتي شخصي ۽ مذهبي طور تي مڪمل آزاديون ڏنيون ويون آهن، ??اڪ??تان جي آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کي آئيني تحفظ ڏنو آهي، اسان جو آئين ملڪ جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ اقليتن جي حقن جو محافظ آهي، اسان کي گڏجي ??اڪ??تان کي ترقي ڏيڻي آهي، اسان کي ??اڪ??تان جي ماحول کي بهتر کان بهتر ڪندي امن ۽ سلامتي جو گهوارو بڻائڻو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون کي اميد آهي ته ايف او آر بي ۽ تحقيقات اسلامي ادارو ملڪ ۾ امن، سڪون ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سدائين سرگرم رهندو.
پاڪستان جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات