جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي ??صوصي هدايتن تي سڄي آزاد ڪشمير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد فدا حسين ڪاظمي هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام محي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين کاتن جي ??فيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي ??زادي جي ??دوجهد جي ??والي س??ن ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير مسئلي جي ??اوقار حل جو خ??اهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي ??کين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي لا??ِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي ??والي س??ن راءِ شماري جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هدايتن تي سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ ملهائي وئي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت