اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چي?? ته ترڪمانستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي ??زير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چي?? ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پر??جيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پر??جيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي حتمي شڪل ڏينديون. هن چي?? ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.
ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : quina acumulada