اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن، مون کي ياد آه?? ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽي?? ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراع??م چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.
سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا