اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان ??عاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون عطا تارڙ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات