اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 10 کان 12 سيڪڙو آبادي کي مختلف قسم جون معذوريون درپيش آهن ۽ اها سرڪاري ۽ نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙن ماڻهن کي ??نهن جي مهارت ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏين ته جيئن انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ منعقد معذورين جي درجابندي جي فريم ورڪ تي فالو اپ ميٽنگ دوران ڪي??. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، خصوصي ماڻهن جي حقن واري ڪائونسل (سي آر پي ڊي)، نادرا، نيوٽيڪ، چئني صوبائي حڪومتن، گلگ?? بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت اجلاس کي معذوري جي روزگار جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??. ٻڌايو ويو ته وزارت خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا کي ??ملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سرڪاري ادارن سان سرگرم عمل آهي. وزارت ان ڳالهه تي روشني وڌي ته مارچ 2023ع کانپوءِ 98 سيڪڙو خصوصي ماڻهن (ڊي اي پي) کي ??رڪاري ادارن نوڪريون فراهم ڪي??ن آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته ممڪن اجرتن جي هڪ ماسٽر لسٽ تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن خصوصي ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪرڻ ۾ ان جو تعاون حاصل ڪري سگهجي. نيوٽيڪ ميٽنگ کي ٻڌايو ته 1500 خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جي لاءِ تربيت ڏني وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت خصوصي ماڻهن رڳو بي پي ايس 1 کان 15 تائين نوڪرين جي ڪوٽا حاصل ڪئي آهي جڏهن ته گزيٽڊ عهدن جي لاءِ انهن جي لاءِ ڪا مخصوص ڪوٽا ناهي رکي وئي. صدر گزيٽڊ نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جي لاءِ ڀرتي جي موجوده قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن خصوصي ماڻهن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي لاءِ روزگار ۾ اضافو ٿئي ۽ مرڪزي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين ۾ انهن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن بابت مسئلن کي ??ل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪي??. هن نيوٽيڪ پاران 1500 خصوصي ماڻهن کي ??ربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزارت جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صوبائي حڪومتن جي آفيسرن اجلاس کي ??صوصي ماڻهن جي سهولت ۽ تربيت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪي??. بعد ۾ تانگ چائنيز انٽرنيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽيڪنالاجي (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سونگ جيان ينگ جي قيادت ۾ هڪ وفد ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي. هن پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ فني ۽ هنرمند تعليم تي پريزنٽيش?? ڏني. سي اي او ٻڌايو ته تانگ چائنيز انٽرنيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽيڪنالاجي (پرائيويٽ) لميٽيڊ 150 پاڪستانين کي ??ديد هنرمند تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين موڪليو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندن ادارو وڌيڪ پاڪستاني نوجوانن کي ??سڪالرشپ جي بنياد تي چين موڪليندو ته جيئن اهي جديد هنرمند تعليم حاصل ڪري سگهن. صدر پاڪستاني نوجوانن کي هنرمند تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي خدمتن کي ??اراهيو.
سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa