اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چ??ئر??ين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چ??ئر??ين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چ??ئر??ين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائين پهچي وئي ج??هن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون صار??ين جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ته هائي اسپيڊ براڊ بينڊ صار??ين جو انگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چ??ئر??ين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پي ٽي اي جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania