اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غزه جي عوام تي اسرا??يل جي مڙهيل جنگ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، فلسطيني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرا??يل جي حامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرا??يل تي زور ڀرين ته هو فلسطيني عوام جو قتل عام بند، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غزه جي سمورن حصن ۾ انساني امداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري ??ي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس ا??شر??ف جي گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.
فلسطيني عوام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے