اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان هواوي پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ا??ٿن سن جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي تازي دوري ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جو دورو انتهائي لاڀائتو رهيو، هواوي سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حص??داري سڀ کان اهم آهي، هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو. هن چيو ته حڪومت نه رڳو عورتن پر بلوچستان جي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي ان تربيتي پروگرام جو حص?? بڻائيندي، حڪومت هواوي سان پاڪستان جي ڊيجيٽل اڪانومي ۾ پائيدار حص??داري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ??زي??اعظم چيو ته ملڪ ۾ باصلاحيت افرادي قوت جو مضبوط بنياد قائم ڪرڻ سان ئي ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وفد ??زي??اعظم کي پاڪستان 7 هواوي جي وچ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام جي لاءِ تعاون جي معاهدي تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي جي تربيت جي لاءِ جديد طرز جو ميسيو اوپن آن لائين ڪورسز سسٽم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان لاڳو ڪيو ويندو. وفد پاڪستان جي قومي ڪلائوڊ اسٽريٽجي سان هم آهنگي نيشنل ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ جي لاءِ تعاون جي آڇ ڪندي آگاهه ڪيو ته نيشنل ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ سان بهتر ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي يقيني ٿي ويندي ۽ وڏو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وفد ٻڌايو ته اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ هواوي پاڪستان جي حڪومت سان حص??داري جي خواهشمند آهي، اسلام آباد سمارٽ سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ، صحت ۽ تعليم جي خدمتن کان وٺي پارڪنگ وغيره جهڙيون ٻيون سهولتون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي ميسر هونديون. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه، ??زي??اعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena