پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي سببن کا?? آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز نا??ن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ته صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز نا??ن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو وزير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کا?? پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي ??هيو آهي ته هو اسيمبلي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل نا??ي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي حوالي سان سمري کيس ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي نا??ي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.
صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔