اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ه??اي?? ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم سان پوليو جي خاتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيرا??ظم جو قومي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيرا??ظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر ان??ارالحق، صحت جي عالمي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيرا??ظم چيو ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي خاتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪن??ڙ سمورن پوليو جي خاتمي وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيرا??ظم چيو ته صحت جي سمورن شعبن بشمول پوليو جي خاتمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صحت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪري سگهجي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وزيرا??ظم ه??اي?? ڪئي ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن ان??ن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وزيرا??ظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم ه??اي?? ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيرا??ظم کي پوليو جي خاتمي جي تازي مهم ۽ ان جي نتيجن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليو جي خاتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.
وزيراعظم پاران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي جامع بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم