پي??س-26 ڊسمبر (اي پي پي)فرا??س جي گادي واري شهر پيرس ۾ ڪرسمس جي ڏينهن عورت کي پنهنجي 4 ٻارن سميت قتل ??يو ويو. مقامي پراسيڪيوٽر اي ايف پي کي ٻڌايو ته ڪرسمس جي ڏينهن پيرس جي ??وڀر ۾ ميوڪس ڳوٺ جي هڪ اپارٽمينٽ مان هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جا لاش مليا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قتل جي ??انچ شروع ڪئي وئي آهي. نيوز ويب سائيٽ ايڪٽو 17 ۽ پراسيڪيوٽر مطابق قتل ٿيلن ۾ هڪ عورت ۽ سندس 4 ننڍا ٻار شامل آهن. پوليس مطابق مبينه قاتل انهن مقتول ٻارن جي 33 ورهين جي والد جي ڳوالا جاري آهي جيڪو قتل بعد مفرور آهي. ورسيلز جوڊيشل پوليس سروس تحقيقات ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش