گڏيل قومون – 29 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش امداد فراهم ڪندڙ ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جو في??لو واپس وٺن. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ميمبر ملڪن ۽ امداد ڪندڙ ملڪن تي خاص طور تي زور ڏنو آهي ته هو غزه ۾ جاري امدادي ڪاروائين لاءِ پنهنجي امداد ۽ فن??ز جو سلسلو جاري رکن. هن اها اپيل ان خاطري سان ڪئي آهي ته يو اين آر ڊبليو اي جي اهلڪارن تي لڳايل الزام جي اڻڌري جاچ ڪرائي وي??دي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اهي الزام ڪيتري قدر حقيقت ت?? ٻڌل آهن ۽ ان جي روشني ۾ ڪاروائي ڪري سگهجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن گڏيل قومن جو ڪو ڪارڪن ان ۾ ملوث مليو ته ان جو مڪمل احتساب ڪيو وي??دو ۽ ضرورت پوڻ تي فوجداري ڪيسن مان پڻ گذاريو وي??دو.
گڏيل قومن طرفان ڊونر ملڪن کي فلسطيني پناهگيرن لاءِ ڪم ڪندڙ امدادي اداري کي فنڊ جي فراهمي معطل ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado