اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) ??در ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي، هي هڪ منفرد دوستي آهي، اسان سٺا پاڙيسري، ويجها دوست، بااعتماد حصيدار ۽ مضبوط ڀائر ملڪ آهيون، اسان جا لاڳاپا مضبوط حڪمت عملي تحت سدابه??ر تعاون جي حصيداري سبب اڄ استحڪام جي بلندين تي پهچي ??هيا آهن. پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن چيو ته بين الملڪي انهن تبديلين نه رڳو هڪ ڀيرو پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو پر ان جي ڪري ٻنهي ملڪن جي سياسي منظرنامي کي پڻ هڪ نئين جدت ملي، انهن سمورين تبديلين سبب اسان جي دوستي استحڪام جي ن??ين حدن تائين پهچي ??هي آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان مضبوط رشتي مستقبل ۾ هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڍال فر??هم ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن