اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ت??ڪم??نستان جي وزارتي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير راشد مريدوف خيرسگالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ج?? لاءِ رستن ۽ ريل رابطن سميت رابطاڪاري جي منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وزيراعظم کي ت??ڪم??نستان جي صد?? پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ت??ڪم??نستان – افغانستان – پاڪستان – انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ سميت توانائي جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ت??ڪم??نستان سان توانائي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان پاران دلچ??پي جي اظهار کي ورجايو ۽ تاپي منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ