دوشن??ي ?? 18 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين جو چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو جتي هو پاڻي بابت پائيدار ترقي جي عنوان تي عالمي ڏهاڪي (2028 – 2018ع) بابت عملداري جي حوالي سان ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جيڪا تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ 20 کان 21 جون تي ٿي رهي آهي. تاجڪستان جي نائب وزيراعظم ذاڪرزاده محم?? طاهر دوشنبي ايئرپورٽ پهچڻ تي صدر ممنون حسين جو شاندار استقبال ڪيو. تاجڪستان ۾ پاڪستاني سفير، پاڪستان ۾ تاجڪستان جو سفير ۽ سفا??تخ??ني ج?? سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. هڪ ننڍڙي ٻارڙي روايتي انداز ۾ صدر کي گلدستو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز