ماضي ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ قبضا مافيا جي ڪري اسلام آباد ۾ گرين ايرياز کي نقصان پهتو آهي: وزيراعظم


APP48-02 ISLAMABAD: June 02 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding protection of green areas of the Federal Capital. APP

اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي قدرتي حسن کي محفوظ رکڻ ۽ ماحوليات جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ قبضا مافيا جي ڪاررواين جي ڪري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ واقع گرين ايرياز کي شديد نقصان پهتو آهي، گرين ايرياز جي تحفظ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.

متعلقہ مضامین