ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊ??گ ڪيس کي منطقي ان??ام تائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اي?? آر او نه ملندو، چاهيون ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام جي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاهيون ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي ل??ءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون اي??ان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي ل??ءِ بل پيش ڪنداسين.
فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری