دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغا??ست??ن ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغا??ست??ن جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ?? تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغا??ست??ن جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوشش??ن ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغا??ست??ن جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغا??ست??ن ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغا??ست??ن ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن م??ڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغا??ست??ن ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي م??ڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح??ن ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ?? مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح??ن ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ?? تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيح??ن ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيح??ن ڪيون ويون، مختلف شعبن ?? مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.
افغانستان ۾ سڀني گروپن تي ٻڌل جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔