اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون، غ??يب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صح?? واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پن??اب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ??ڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ??ن وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئن ته ??سان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته ??سان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان گهٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏهن ته ??سان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ??ريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هن وقت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. صح?? ڪارڊ جي پوري پن??اب ۾ شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري غريب خاندان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته ??يئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته ??ها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.
اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteios quina