نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ ??ربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراع??م محمد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو ج??ئز?? وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ??ندو. وزيراع??م مصر پاران 27 هين سي او پي جي حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اربع تي مختلف غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی