ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ??يڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي ??يغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي ??روغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي ??اءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي ??اءِ اسان جي ??ارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي ختم ڪرڻو پوندو ۽ قوم جي حيث??ت سان اسان کي پنهنجي ??ارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيث??ت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ??يادت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع ??و آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي ??عياري تعليم جي ??راهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي ??ظام جي ذريعي ئي پاڪستان کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.
تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II