اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته ميڊيا جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، انهن مسئلن جي حل لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اها ڳالهه هن سي پي اين ا?? جي باني صدر خوشنود علي خان جي سربراهي ۾ ملاقات لا??ِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سي پي اين اي اسلام آباد جي ڪنوينر مم??از حسين ڀٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران تمام گهڻي مهانگائ?? جي ڪري ميڊيا انڊسٽري شديد بحران جو شڪار آهي، ميديا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لا??ِ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي ڪاٿي ۽ ريٽس ۾ مهانگائ?? جي شرح کي نظر ۾ رکندي مناسب اضافو ڪري. وفد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته عمران خان حڪومت دور جي سينٽرلائيزڊ ميڊيا پاليس?? جي ڪري سرڪاري ادارن نه رڳو پنهنجي پبلسٽي بجيٽ کي گهٽ ڪيو پر پاڪستان ۾ اسلام ۽ ملڪ جي حوالي سان ملهائجندڙ ڏهاڙن جي موقعي تي نوجوان نسل کي اسلام ۽ پ??ڪستانيت کان روشناس ڪرائڻ جي لا??ِ قومي وحدت جي لا??ِ ميڊيا تي پيغامن، تقريري ۽ لکت وارن مقابلن جو رجحان پڻ گهٽ ٿيو آهي جنهن جي ڪري قومي وحدت کي نقصان پهچي رهيو آهي. وفد چيو ته ان آمراڻي پاليس?? جي ڪري ڪجهه ادارن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ بدران سڌوسنئون ميڊيا اشتهار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته رياست پاڪستان کي شديد نقصان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته سي پي اين اي چاهي ٿي ته اشتهارن جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي جنهن تي اطلاعات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته حڪومت آزاد ميڊيا جي ترقي تي نه رڳو يقين رکي ٿي پر سمورين مالي مشڪلاتن جي باوجود ان جي لا??ِ عملي قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ميڊيا انڊسٽري کي بحران مان ڪڍڻ جي لا??ِ اشتهارن جي ڪاٿي ۽ اگهن ۾ اضاف?? جي لا??ِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي روزاني دن جي ايڊيٽر مم??از حسين ڀٽي ۽ روزاني صدائي سچ جي ايڊيٽر سيد تبسم عباس شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي ٺاهي وئ?? جيڪا پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن سان گڏجي اخبارن کي درپيش مسئلن جي ازال?? جي لا??ِ ڪم ڪندي. وفد جي ميمبرن ۾ ڪنوينر اسلام آباد مم??از حسين ڀٽي (ايڊيٽر روزاني دن)، سيد تبسم عباس شاهه (ايڊيٽر روزاني صدائي سچ)، عقيل ترين (ايڊيٽر روزاني غزنوي)، زاهد فاروق ملڪ (ايڊيٽر روزاني ميٽرو واچ)، حسن وقار تراب (ايڊيٽر روزاني جهان)، جعفر علي بلتي (ايڊيٽر روزاني سلام گلگت)، ظهير بخاري (ايڊيٽر روزاني انڪشاف)، رائو احسان (روزاني سرمايه)، شمشاد مانگٽ (روزاني زور آور) ۽ اويس قاضي (ايڊيٽر روزاني سن نيوز) شامل هئا.
ميڊيا جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان کي ميڊيا انڊسٽري کي درپيش مسئلن جو چڱي ريت ادراڪ آهي: وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ