اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آه??. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آه??. نيشنل ??يزاسٽر مينجمينٽ ??ٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آه??. تازي ا??ڪٿ?? مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪان آه??. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آه??. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طوفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آه??. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آه??.
سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿي انتهائي شديد سامونڊي طوفان جي صورت اختيار ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن