ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي، ا??ان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي مقوعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب جي قيادت ۾ پي بي سي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال دوران اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان پا??ستان کي درپيش ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو، ا??حادي حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين حڪومت جي هر فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيڻ اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله هاڻي پا??ستان جي معيشت ترقي طرف گامزن آهي، ا??ان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي موقعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، پا??ستان ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادري نه رڳو ملڪ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿي پر ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪر?? جو ذريعو بڻجي ٿي، توهان سمورا اهي باصلاحيت ۽ باهمت ماڻهو آهيو جن پا??ستان ۾ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪيو، توهان سڀني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پا??ستان بزنس ڪائونسل جي وفد پا??ستان جي معاشي بحالي خاص طور تي گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي دوران وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان حڪومت جي ڪامياب معاه??ي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پا??ستان ۾ ڪاروباري برادري جي لاءِ سدائين وقت ڪڍڻ ۽ انهن جي تجويزن کي حڪومتي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته پا??ستان ۾ واپاري برادري سدائين ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار رهي آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ا??ٽيٽ بئنڪ جو گورنر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پارليامينٽ ميمبر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ