لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيرا??ظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪن?? سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندان?? سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيرا??ظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناء?? الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيرا??ظم جيو جي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمي?? سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دع?? ڪئي. وزيرا??ظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت، مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر