اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام آباد جي سم??رن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي نظامت تعليمات (ايف ڊي اي) اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سم??رين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن، هن اها ڳالهه ڊائريڪٽرز اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايف ڊي اي سان ملاقات دوران ڪئي. مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي ڪلاس 4 جي 32 خالي آسامين کي پورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سارسنڀال کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته سم??رين سيٽن تي فورن ڀرتيون ڪيون وڃن. هن ايف ڊي اي کي وڌيڪ هدايت ??ئي ته هو اسلام آباد ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سم??رين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن. هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ايف ڊي اي کي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جي تعليمي ادارن کي بنيادي سهولتون ميسر ٿين. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪينٽين?? جا اوچتا دؤرا ڪيا جن کي ??ون انتهائي غير صحت بخش ڏٺو. هن ايف ڊي اي کي هدايت ??ئي ته سم??رين ڪينٽينن جي کاڌي جي معيار جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کاڌي ۾ معيار مناسب نه هجي ته ان جي ليز رد ??ئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ويزن آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اسلام آباد جي سم??رن تعليمي ادارن کي ان جي حڪومتي دؤر ۾ مناسب ۽ فعال بنيادي سهولتن ميسر ٿين.
اسلام آباد جي سمورن تعلييم ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری