اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا??، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آهي ته تماڪ واپرائڻ سا?? هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو، هر سا?? 50 لک ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته 20 هين صدي ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو تماڪ واپرائڻ سا?? پنهنجي زندگين کان محروم ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن کي تماڪ واپرائڻ جي اثرن ۽ نقصانن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطل??عا?? ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته تماڪ واپرائڻ جي حوالي سا?? ڪجهه اهم سوال پڇڻ تمام ضروري آهن، هي اهڙي بيماري آهي جنهن جي ڪري سراسري هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو جڏهن ته 10 ماڻهن مان هڪ شخص جي موت تماڪ واپرائڻ سا?? ٿئي ٿي. هن چيو ته 20 هين صدي ۾ تماڪ واپرائڻ جي ڪري 10 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي زندگين کان محروم ٿيا. سڄي دنيا ۾ سا??يانو 50 لک فوتگيون تماڪ واپرائڻ سا?? ٿين ٿ??ون. هن خدشو ظاهر ڪيو ته تماڪ واپرائڻ جي جنگ انهي شدت سا?? جاري رهي ته 2030ع تائين ان سا?? فوت ٿيندڙن جو انگ 50 لک مان وڌي 80 لک تائين پهچي ويندو. مرتضيٰ س??لنگي تماڪ واپرائڻ جي خلاف جنگ جي هيروز کي سلام پيش ڪندي چيو ته تماڪ واپرائڻ نشو نه آهي موت جي گوري آهي، اهو انساني زندگين جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته جتي ٻين صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين ??و ذڪر ڪيو وڃي ٿو اتي تماڪ واپرائڻ ??و ذڪر پڻ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته تماڪ تي ٽيڪسز ۾ اضافو ان جي حوصلا شڪني جي لاءِ ضروري آهي، ماحولياتي تباهي وانگر تماڪ واپرائڻ پڻ انساني زندگين جي لاءِ خطرو آهي، ان جا اثر اسان روزانو پنهنجي زندگين ۾ ڏسون ٿا. هن چيو ته تماڪ واپرائڻ جي ڪري صحت جي شعبي ۾ خرچن ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. مرتضيٰ س??لنگي چيو ته جڏهن هو وزير نه هو تڏهن به تماڪ واپرائڻ سا?? وڙهندڙ هيروز جو حامي هئس، اڄ به آهيان ۽ سڀاڻي به حامي رهندس.
تماڪ واپرائڻ سان هر ڇهن سيڪنڊن کانپوءِ هڪ شخص جو موت ٿئي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری